پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن

پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن(Pakistan Steel Mills Corporation):هي پاڪستان جو قومي فولادي ڪارخانو آهي، جيڪو ’ڪراچي اسٽيل پراجيڪٽ‘ جي نالي سان آگسٽ 1968ع ۾ پبلڪ سيڪٽر تحت شروع ڪيو ويو ۽ پوءِ ان کي ڪمپنيز ائڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪيو ويو. 1969ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي اڏاوت لاءِ فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو. 1971ع ۾ پاڪستان ۽ USSR وچ ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي اڏاوت دوران فني ۽ مالي تعاون بابت معاهدو ٿيو. هن جي پيڙهه جو پٿر 30 ڊسمبر 1973ع تي ان وقت جي وزيراعظم (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي رکيو. ان کان اڳ هيڏي وڏي پراجيڪٽ تي ڪم نه ٿيو هو، تنهن ڪري اعليٰ ماهرن کان مدد ورتي وئي. هي ڪارخانو ڪراچيءَ جي اوڀر طرف 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پپريءَ (بن قاسم) وٽ 18600 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پلانٽ جي پکيڙ 10,390 ايڪڙ آهي. هن وقت پاڪستان اسٽيل مل پاڪستان جي مڙني صنعتي ڪمپنين کان وڌيڪ اپت ڏيندڙ ڪارخانو آهي، جيڪو ساليانو 3 ملين ٽن اسٽيل پراڊڪٽ ڏيندو آهي. پاڪستان اسٽيل مِل جا اهم يونٽ هي آهن: ڪوڪ اوون اينڊ باءِ پلانٽ، آئرن ميڪنگ ڊپارٽمينٽ، اسٽيل ميڪنگ پلانٽ، بُليٽ مِل، هاٽ اسٽوپ مل، ڪولڊ رولنگ مِل، ريفريڪٽريز، ٿرمل پاور پلانٽ اينڊ ٽريبو بلووَر اسٽيشن، آڪسيجن پلانٽ، آئرن اووَر ڪول جيٽي وغيره. هن وقت ملڪ اسرار احمد پاڪستان اسٽيل ملز جو چيف ايگزيڪيوٽوِ آفيسر آهي، جنهن مارچ 2010ع ۾ اها ذميداري سنڀالي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو